اينيمزم ۽ ان اينيمزم مظاهر پرستي روحيت مظاهر

اينيمزم ۽ ان اينيمزم (مظاهر پرستي/روحيت مظاهر): هي هڪ اهڙو عقيدو آهي، جنهن مطابق فطرت جي سمورن مظهرن مان انسان ۽ ٻين جاندارن (جانورن ۽ وڻن ٽڻن) توڙي غير جانبدار شين (آسمان، زمين، سج، چنڊ، جبل، ندين وغيره) ۾ هڪ قسم جو روح يا روحاني جوهر (Spritual essance) موجود هوندو آهي. هي عقيدو قديم اڻ سڌريل توڙي سڌريل تهذيبن ۽ ثقافتن ۾ مروج رهيو آهي. جيڪو دنيا جي مذهبن جي تاريخ ۾ پڻ تمام آڳاٽو آهي. مختلف ملڪن ۽ سڀيتائن ۾ انهيءَ جا ڌار ڌار روپ ٿي سگهن ٿا، جن سان لاڳاپيل ڏند ڪٿائون، رسمون رواج به هوندا هئا، پر انهن سڀني ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ نظر ٿي اچي ته اهي ’روحانيت‘ ۽ مافوق الفطرت (Supernatural) ۾ ضرور يقين رکندا هئا. انهيءَ عقيدي جا اهڃاڻ، جن مذهبن ۾ لڌا ويا آهن، تن ۾ جپان جو هڪ مذهب شنتو (Shinto)، برصغير جا هندو مت، ٻڌمت، ابراهيمي مذهبن کان اڳ ۾ مختلف هنڌن جا قديم اصلوڪا عقيدا (Paganism)، آسٽريليا جي اصلوڪن رهاڪن (Aborigines) جا عقيدا، اسڪيموز جي ڪن گروهن جا عقيدا شامل آهن.
هن عقيدي بابت سائنسي نموني اڀياس ڪرڻ کانپوءِ ان کي اينٿراپالاجيءَ (علم بشريات) ۾ هڪ اهم موضوع طور مڃيو ويو آهي پر ڪن عالمن کان ڪي غلطيون به ٿيون آهن ڪي ان کي ’Pantheism ‘ (ڪثرت مذاهب ۾ وحدت) سان منجهائيندا رهيا آهن، پر هي عقيدو ان کان مختلف آهي، ڇو جو ’Pantheism ‘ ۾ يقين رکندڙ سمورين شين ۾ هڪڙي روح ۽ جوهر جي ڳالهه ڪندا آهن ۽ ڪثرت ۾ اهو ’وحدت‘
(Monism) جو نظريو آهي، جڏهن ته اينيمزم ۽ ان اينيمزم (جاندار ۽
بي جان وجودن ۾ روح) وارا هر هڪ فطري وجود ۾ ڌار ڌار روح هئڻ جو عقيدو رکندا آهن ۽ ان ڪري هر هڪ مظهر جي ڌار روحاني حيثيت قبول ڪئي ويندي آهي، ان کي ڪي ’Polytheism ‘ سمجهندا آهن. ياد رکڻ گهرجي ته روح جو تصور صرف فطري، قدرتي طبعي شين سان لاڳو ٿيندو آهي. هن عقيدي موجب جيئن ته فطرت جا سمورا مظاهر روح رکن ٿا، ان ڪري انهن سڀني جي عزت ڪرڻ گهرجي. اهو عقيدو سنڌ سميت سمورن قديم سماجن ۾ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ رهيو آهي. انهيءَ جي اثر هيٺ ماڻهو وڻن، جانورن يا سج، چنڊ کانسواءِ ٻين فطرت جي مظهرن ۾ روح يا مافوق الفطرت خاصيتن هئڻ واري ڳالهه سبب انهن جي پوڄا يا پرستش ڪندا هئا. سنڌ سميت برصغير ۾ پپر، بڙ، نم، ڪنڊي، ٻٻر ۽ هر سائي وڻ ۾ روح جي موجودگي محسوس ڪري، انهن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، جنهن جا اهڃاڻ اڃا به سندن ڪلچر ۾ مختلف رسمن جي صورت ۾ موجود آهن، مثال ساون وڻن کي نه وڍڻ، انهن جي سيوا ڪرڻ، منجهن جهنڊيون ٻڌڻ، انهن هيٺان واس ڌوپ ٻارڻ، رات جو انهن هيٺان نه لنگهڻ، ڪن وڻن کي سڀاڳو ته ڪن کي نڀاڳو سمجهڻ ۽ ٻيا وهم رکڻ وغيره. اڄ به ڪٿي ڪٿي ڏسي سگهجن ٿا، ساڳيءَ ريت جانورن بابت به اهڙا ڪيئي تصور آهن: جيئن هندو مت ۾ ڳئون کي ماتا چوڻ، نانگ جي پوڄا ڪرڻ، زرعي سماجن ۾ ڏاند يا ڍڳي جي اهميت، درياهي ۽ سامونڊي ڪلچر ۾ واڳونءَ يا ڪڇونءَ جي پوڄا وغيره شامل آهن. (وڌيڪ ڏسو: جانور ۽ انهن جي پوڄا) غير جاندار فطري شين مان ندين (پاڻيءَ) جي پوڄا، سنڌو، سرسوتي، گنگا ۽ جمنا کي ديوين جو روپ ڏيڻ، اکا وجهڻ، آڪاش يا آسمان کي پتا يا ديوس پتر، (يونان ۾ جپيٽر)، سج کي سوريه ديوتا چوڻ، زمين کي ڌرتي ماتا سمجهڻ، مختلف ٻين گرهن جو انسان جي قسمت تي اثر انداز ٿيڻ جو تصور رکڻ، هوا، باهه وغيره کي طاقت جو حامل سمجهڻ، انساني تخليقي عضون جي پوڄا وغيره وارا تصور، انهن قديم عقيدن جا يادگار آهن. بعد وارن دورن ۾ انهن سمورن مظهرن جا مجسما يا مورتيون ٺاهي، انهن جي پوڄا ڪئي وئي جنهن کي اصنام پرستيءَ جو نالو ڏنو ٿو وڃي، جيڪا هندو مذهب ۾ عام آهي.
موهن جي دڙي جي کوٽاين مان مليل ڪيترين مهرن تي ڪن وڻن ۽ جانورن جون شڪليون اڪريل آهن. محترم جي. ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘ جي صفحي 133 تي محمد ادريس صديقيءَ جي ڪتاب ’وادي سنڌ ڪي تهذيب‘ مان هڪ حوالو لکيو آهي ته موئن جي دڙي مان هڪ مُهر هٿ آئي آهي، جنهن جي ساڄي طرف زمين تي رکيل هڪ ٿالهيءَ ۾ پپر جي وڻ جون ٻه شاخون نڪتل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، انهن ٻنهي شاخن جي وچ ۾ هڪ ديويءَ جي تصوير آهي، جنهن جي مٿي تي سڱ آهن ۽ ان جي سامهون هڪ عورت کي سجدي ۾ ڏيکاريو ويو آهي... ان منظر ۾ پپر جو وڻ خاص اهميت رکي ٿو... خيال آهي ته واديءَ سنڌ ۾ وڻن جي پوڄا جا ٻه طريقا رائج هئا (1) اهي وڻ پنهنجي فطري حالت ۾ پوڄبا هئا (2) وڻن جي روح کي انساني شڪل يا صفات ڏيئي، ان جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، اهڙيءَ طرح ڪنڊيءَ جي وڻ کي به (خاص ڪري سنڌ ۾) اڃا تائين احترام سان ڏٺو ويندو آهي. ڪن وڻن ۾ جهنڊيون ٻڌيون وينديون آهن. هندن جي گهرن ۾ تلسيءَ جي پوڄا ڪئي ويندي آهي.
ساڳئي نموني غير جاندار شين جي پوڄا جا پڻ ڪيئي اهڃاڻ قديم آثارن مان مليا آهن، موهن جي دڙي مان ملندڙ مهرن مان هڪ تي ست مڇيون ٺهيل آهن، جن لاءِ ڊاڪٽر آسڪو پرپولا جي تحقيق اها آهي ته اهي اصل ۾ ست تارا آهن، جن کي ڪِرتڪيون (ڪَتيوُن) چيو وڃي ٿو، جن جي پوڄا جو رواج هو، قديم سنڌ ۾ باهه يا اگني پوڄا جا به اهڃاڻ ملن ٿا. پاڻيءَ جي پوڄا جا اهڃاڻ، جهولي لال جي پوڄا ۾ نظر اچن ٿا ۽ شاهه لطيف وٽ به ان جو مثال ملي ٿو:
’سيواڪر سمونڊ جي، جر وهي ٿو جال'>جت جر وهي ٿو جال‘
هندن ۾ اڃا به اگني (باهه)، وايو (هوا) ۽ ورڻ (پاڻيءَ) کي ديوتائون مڃيو وڃي ٿو. مطلب ته فطرت جي سمورن مظهرن جي پوڄا، دنيا جي ڪيترن خطن سان گڏ سنڌو ماٿريءَ ۾ قديم دور کان رائج رهي آهي، جيڪا بعد وارن مذهبن ۾ به ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ اڃا تائين قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو